آتش ڪده آذر

آتش ڪده آذر (ڪتاب ):هي فارسي گو شاعرن جو وڏي ذخيري وارو تذڪرو آهي، جنهن کي لطف علي بيگ آذر (1722-1791ع) لکيو. آذر هن تذڪري ۾ سنڌ سميت انهن شاعرن جو ڪلام قلمبند ڪيو آهي، جن جي ڪلام جو ڪو به سراغ نٿي مليو. آتش ڪده آذر ڪريم خان رند (عهد حڪومت 1700-1779ع) لاءِ لکيو ويو هو. هي تذڪرو 3 دفعا 19 صديءَ ۾ هندستان مان ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ئي ايران مان پڻ ڇپجي چڪو آهي .


لفظ آتش ڪده آذرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو